سلطان علي شاهه

سلطان علي شاهه: شاعر ۽ بزرگ سلطان علي شاهه ولد گل محمد شاهه بخاري ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ تعلقي حيدرآباد جو رهاڪو هو، سندس جنم 1284هه/ 1867ع ڌاري ٿيو. ننڍيءَ عمر ۾ فقيري رنگ چڙهڻ جي ڪري صوفياڻي شاعري ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ حسن کانسواءِ وحدت جي وائي ۽ عشق جي رمزن جا راز سمايل آهن. پنهنجي پاڙيسري ۽ همعصر شاعرن مان مصري شاهه ۽ محمود فقير کٽياڻ سان سندس روح رهاڻيون هيون. سلطان علي شاهه عمر جي پوئين حصي ۾ درگاهه جھوڪ شريف تي اچي فيض حاصل ڪيو ۽ گھڻو وقت ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو. وفات بعد ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ دفن ٿيو.


لفظ سلطان علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو